رام رسيلا

رام رسيلا: مشهور سنڌي اداڪار، هدايتڪار، گائڪ ۽ ليکڪ رام رسيلا جو جنم، 12 ڊسمبر 1922ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. مئٽرڪ تائين تعليم پرايائين، ورهاڱي بعد خاندان سان گڏ هندستان هليو ويو. هن ڪيترن هندي، سنڌي ۽ گجراتي ناٽڪن ۾ هدايتڪاري ڪري پاڻ مڃرايو ۽ ڪن ناٽڪن ۾ پاڻ به اداڪاري ڪئي. رام رسيلا هدايتڪار ۽ اداڪار سان گڏ سٺو فنڪار به هو. هن ڪيترن ناٽڪن جا گيت پڻ ڳايا. هن سنڌي فلم سسئي پنهون هندي فلم نر پاٽا ۾ گيتن جي موسيقي ڏني. رام رسيلا جي ڇپيل ڪتابن ۾ ’عبرت‘ ۽ ’لڪايان داغ‘ قابل ذڪر آهن. اکل ڀارت سنڌي ساهتيه سميلن پاران 1978ع ۾ ’پکيئڙا پڃري جا پراڻي‘ ناٽڪ ۾ هدايتڪاريءَ جو اوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي.


لفظ رام رسيلاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.12.12  عيسوي

مشهور سنڌي اداڪار، هدايتڪار، گائڪ ۽ ليکڪ رام رسيلا جو جنم، 12 ڊسمبر 1922ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صورت سنڌي
درٻيلوي شيخ حميد
پيرابن شاھ جي مزار
جمال الدين جوڳي
سَنت شڌارام
ايل وي پرانجپي
رحيم بخش سومرو
شاهه عبداللطيف صوفي ٺٽوي
خدابخش فقير
حاجي شاهه محمد بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون